Ibrahim Munshi Sindh greatest poet

 ابراهيم منشي سنڌ جو قومي شاعر آهي سندس مختصر سوانح هي آهي پورو نالو :منشي محمد ابراهيم سومرو 

پئدائش : 15 جنوري 1934ع ٽنڊو محمد خان جنهاڻ 

تعليم : پنج درجا سنڌي پاس 

شاعري جا مجموعا : 

پيغام مظلوم 1970 وڳه جا وريام 1971 گوندر ويندا گزري 1985 ڌرتي دين ڌرم 1991 ڌونري ڏينهن ڌاڙا 1995 اکر اکر اک 2006 

تبصرو 

ڪتاب : گوندر ويندا گزري ڇاپو 4 2005

ابراهيم منشي سنڌي ٻولي جي انهن شاعرن مان آهي جنهن جي شاعري عوام جي تاريخ کي محفوظ ڪيو سندس شاعري ان وقت سرجي جڏهن سنڌ تي هڪ پاسي سياسي سطح تي ملڪ جي ورهاڱي1947ع کانپوء ڪيترا واقعا ٿي گزريا جنهن ۾ ون يونٽ 1955ع، مارشل لا پهرين 1958ع،1972 ع ۾ لساني فساد ،1977ع ۾ ٻين مارشل لا ،هڪ طرف ملڪ اندر حدود آر ڊيننس، ۽ اسلامائزيشن جو قيام ته ٻئي طرف افغانستان ۾ افغاني سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا ۔جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي سماجي حالتن تي برو اثر پيو سنڌ جيڪا امن ۽ اهنسا جي ڌرتي هئي ۔اتي اڻپڙهيل وڏيرن ،جاگيردارن،پيرن قبضو ڪري هتان جي ماڻهن کان جيئڻ جا حق کسيا ۔اهڙي وقت ۾پاڻ بحيثيت شآعر جي ڪردار ۾ سنڌجي جي ماڻهن جو آواز ٿي اٿيو هڪ پاسي جڏهن سندس شاعري ۾ حقيقت پسندي جو لاڙو نمايان هو ٻئي پاسي پاڻ پنهنجي ڪتاب گوندر ويندا گزري ۾ سندس شاعري جا محرڪ ڄاڻائيندي چوي ٿو ته "منهنجي ذاتي مشاهدي ۾ ڌرتي تي پلجندڙ ۡۡهر شيء قريب نظر مان گزرندي هئي ۔مختلف رنگ ،سهائيون،چمڪندڙ چيٽ ،سونن جهڙا سنگ،ڍنڍون ڍورا،ٻنيون ٻيلا،برساتن جا روپ،پوٺا جبل،وڻ ٽڻ،صبح جي ماڪ،سج جا ڪرڻا ،ڍنڍ جي ڪناري جي ڇٻر،چانڊوڪيون ،راتيون،رس رهاڻيون ،سڳند ساز ۽ سرندڙا ۽ پري پري کان فراق ماريل ٻانهيارين جا ٻول ۽ جهونگارون ،ڳجها بيت ،ڳجهارتون، سڀ منهنجي مشاهدن مان گزريل آهن ۔"

ابراهيم منشي جي شاعري تخيل سان گڏوگڏ وسيع مشاهدي جي آڌار تي سرجيل آهي ۔جنهن عوام جي تاريخ کي محفوظ ڪيو آهي ۔سچن شاعرن ۽ اديبن جي ئي دلين ۾ پنهنجي وقت جا پڙاڏا گونجندا آهن ۔پقڻ پنهنجي ڊگهي نظم "ڪارونجهر کان ڪينجهر تائين "۾ سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب جو عڪس پيش ڪري ٿو جنهن ۾ سنڌ جي مشهور ماڳن جا نالا کڻندي پنهنجي ڌرتي جي سونهن جي واکاڻ ڪري ٿو ۔ان سان گڏوگڏ پنهنجي ديس جي ماڻهن جي زندگي گزارڻ جي قدرن کي دلڪشي سان بيان ڪري ٿو چوي ٿو ته 

"هن ۾ هاري ان اپائن ،جن جا سون جهڙا سنگ،

هن جا ماڻهو محبت ڀريا ،ناز منجهان ته نڀائن ننگ،

هن ۾ جهوپا جهانگيئڙن جا،هن ۾ جهونگارون جهر جهنگ ،

ڪافي ،وائي ،بيت، جمالو ۽ ٻيا ٻڌين چرندي چنگ ۔" 

وقت جيڪو سدائين هڪ جهڙو ناهي رهيو۔سنڌ جيڪا سدائين خوشحالي جي ڪري مشهور هئي ۽ شاه لطيف به سنڌ کي دعا ڏيندي چيو هو ته 

"سائينم سدائينم ڪرين سنڌ دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين " 

هن ئي سنڌ تي جڏهن ظالمن جو وارو وري ٿو ته سنڌ جي هي حالت بڻجي ٿي 

وڪڙ ۽ ونگ وانگين تي، وڏيرن جا وزيرن جا،

هزارين ظلم هتي آهن ،ڪي ميرن جا جي پيرن جا ۔

هڪ پاسي سنڌ جي سياست تي اڻ پڙهيل وڏيرن پيرن جاگيردارن جو ظلم مٿان سياستدانن جو پنهنجي ذاتي مفادن پويان ملڪ جي سڌاري جي برعڪس سياسي ڀڃ ڊاه جنهن ۾ جڏهن ميان محمد دولتانه ۽ ڇوڌري محمد علي جي ڪوششن سان لڳل ون يونٽ  کي شاعر عڪاسي ڪندي چئي ٿو ته 

سنڌ سستي ٿي وڪامي ،نت نئين نيلام ۾ ،

ڪڏهن ڪهڙي نام ۾ ،۽ ڪڏهن ڪهڙي نام ۾۾۔

1972ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ جڏهن سنڌي ٻولي کي صوبائي زبان جو درجو ڏنو ويو ۽ انهي مسودي جي قانوني منظوري کان پوء سنڌ ۾ لساني فسادن جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڳتي هلي سنگين صورت اختيار ڪيو ان جي گواهي به ابراهيم منشي ڏئي ٿو چوي ٿو ته 

ڪن رولن سمجهي راند هتي آ ،ٻارڻ ٻآريو ٻولي سان ، 

هي ٻولي ڪنهن جي گولي ناهي ،گولي گڏبي گولي سان ۔


شاعر جو پنهنجو هڪ ڪردار ،هڪ رتبو ٿئي ٿو ،هو هميشه پنهنجي عوام جي تاريخ سان سچا رهيا آهن سندن تخليق عوام جي آواز ۾ پڙاڏو هوندي آهي ۔جيڪا انهي ڳاله جو يقين ڏياريندي آهي ته سچائي ۽ انصاف ۾پختي يقين سان ظلم ختم ڪري سگهجي ٿو۔ ابراهيم منشي جنهن جاگيرداري ۽ مدي خارج روايتن جي قدرن خلاف آواز بلند ڪيو ۽ انقلاب جي ترغيب ڏني ۔پاڻ سنڌ کي انقلاب جوسڏ ڏيندي چوي ٿو ته 

اي هاريو اي ساٿيو ،اي سنڌ واسيو،

اٿو ڪو خوني انقلاب ،انقلاب آڻيو۔

شاعري سندس شخصيت ۽ ماحول جي ترجمان آهي ۔سندس شاعري جو موضوع اجتماعي آهن ۔ارسطو چيو هو ته "اهي ماڻهو جن ۾ محبت ،نغمگي جا لاڙا موجود هجن اهي ئي شاعري جي تخليق ڪري سگهندا آهن ۔فطرت حسين آهي ۽ ابراهيم منشي  هن کي ويتر سونهن بخشي ٿو ۔سندس شاعري ۾  محبت ۽ نغمگي جا لاڙا سنڌي ماڻهن لآ  آهن ۔

ڌرتي سان محبت جو اظهار هيئن ڪري ٿو ته 

"هي ڌرتي منهنجي ڌرتي آ ،هي ڌرتي منهنجي ڌرتي آ 

ورثي ۾ وڏن کان ورتي آ ،تن پيار مان مون کي پرتي آ ،

آهي هر جاء هيرن کاڻ  وهي موج ڀريو مهراڻ هتي ،

سچي سونهن سڳند سرهاڻ هتي ،جنهن سان واسيل وستي وستي 

هي ڌرتي منهنجي ڌرتي آ ،هي ڌرتي منهنجي ڌرتي آ"

ابراهيم منشي جي شاعري سنڌي سماج جي مختلف پهلوئن جي عڪاسي ڪئي آهي  ۽ جيڪو ادب قومي زندگي جي ڀرپور ترجماني ڪندو آهي ۔اهو ئي زنده ادب سڏرائيندو آهي ۔ابراهيم منشي جي شاعري سندس دور جي ترجمان آهي ۽ ان وقت جي تيزي سان بدلجندڙ منظرن جي گواه آهي ۔سماج ۾ ٿيندڙ تبديلين جو اثر براه راست سندس شاعري تي پيل آ پهرين پنهنجي وطن جي خوشحال ڏينهن جو ذڪر ڪندي چئي ٿو

 ""ڪارونجهر کان ڪينجهر تائين ،ڪيٽي بندر کان ڪشمور ،

موتين کاڻ هي ملڪ سڄو آ، مارن جو ۽ مارو مور "

اها سنڌ جيڪا خوشحالي جي ڪري مشهور هئي ،جڏهن هتي حالتن جو وهڪرو تبديل ٿئي ٿو ته حالاتن جي گواهي هي شعر ڏئي ٿو ته 


"ڪير ڪمائي ،ڪير ٿو کائي هتي ادا حالات ڏسو،

ڪن لا قائم ڏينهن سدائين ،ڪن لا ڪاري رات ڏسو،

ڪن جا پيٽ پلائن ڀريل ،ڪن جي واري وات ڏسو،

سچ چوڻ لا سڪن ليڊر شپ جي لات ڏسو،

اکين هوندي انڌا آهن،نابينا بي نور هتي،

رشوت خور ريائي رهزن ،آفيسر منظور هتي۔"


سندس شاعري ۾ خارجيت جو عنصر نمايان آهي ۔سندس شاعري جو اصلي مقصد سماجي حقيقت نگاري آهي سندس مشاهدي جي اک زندگي کي ويجهڙائي کان پسي ٿي ، مجموعي طور ڏٺو وڃي ته ابراهيم منشي جي شاعري خود نوشته سوانح آهي ،جنهن ۾ ذاتي جذبن ۽ امنگن کان سواء زندگي جي ڪيترن ننڍن وڏن واقعن طرف اشارا ۽ اهڃاڻ موجود آهن ۔پاڻ پنهنجي وقت ۽ سماج جي انقلابي تبديلين کان متاثر ٿيل آهي ۔هن دنيا ۾ انسان ئي دنيا جي سونهن آهي ۔جڏهن انسان پنهنجي مادي دنيا جي نفسا نفسي واري ڊوڙ ۾ پئجي انسان جو ناحق خون ڪري ٿو ته انسانيت مٽي جو ڍير بنجي پوي ٿي ۔علام اقبال جي چوڻ موجب "انسان جي بقا جو راز ،انسانيت جي احترام ۾ آهي ۔جيستائين سڄي دنيا جون تعليمي قوتون پنهنجو سمورو توجه انسان جي احترام ڏانهن نه ڪنديون ،تيستائين هي دنيا حيوانن ۽ درندن جي بستي ٿي رهندي ۔"

ابراهيم منشي پنهنجي نظم "جهڙو ماڻهو تهڙو ناڻو"۾ انهن ماڻهن جي عڪاسي ڪئي آهي جيڪي انسانيت جي احترام مان ڪجه نه ٿا ڄاڻن ۽ ناٖڻي کي ڏسي هو پنهنجي ذات ،ڏات،بات ۽ رات وڪامين ٿا ۽ اهڙا ماڻهو حيوانن ۽ درندن جي دائري ۾ اچن ٿا۔

"ڪنهن جي هٿان ذات وڪامي 

ڪنهن جي هٿان ڏات وڪامي 

ڪنهن جي ٿي هت بات وڪامي 

ڪنهن جي ٿي هت رات وڪامي 

هيڏي وڪري جو نه وڪاڻو 

تنهن کي مليو جيل ۽ ٿاڻو"

ابراهيم منشي پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي تهذيب ڄاڻائيندي هتان جي ماڻهن جي ذهني رجحانن ۽ وهڪرن جي ڄاڻ سنڌي ماڻهن جي ذاتي ۽ اجتماعي نشونما جي سمورن پهلوئن جي عڪاسي ڪئي آهي ۔سنڌي معاشري جي رهاڪن جي عقيدن ،علم ،رهڻي ڪهڻي ،ٻولي ،ريتن رسمن ،زندگي جي وهنوار جي مشترڪه قدرن کي بيان ڪيو آهي ۔جنهن سان سنڌ جي حيثيت کي ٻين سماجن کان الڳ هئڻ جي مڃتا ملي ٿي ۔سندس شاعري پنهنجي وطن جي ڪمينيڪيٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۔ابراهيم منشي انسانيت پسند آهي ۔هو پنهنجي وطن جي اخوت ۽ مساوات کي روشن خيالي سان پنهنجن بيتن ۾ سموئي سندس شاعري ۾ ترقي پسند لاڙو به ملي جنهن ۾ هو سنڌ جي هارين تي مسلط ٿيل زميندار جي ظلمن کي نندي ۽ پنهنجي وطن جي انڌن قانونن سان مهاڏو اٽڪائي 

سنڌي سماج جي روشن خيالي جي تصوير چٽي اتي هو اهڙن قدرن جي نمائندگي ڪري ٿو جتي جاگيرداري سماج جا قدر مڙهيل آهن ڌارين جي ڏاڍ ،جبر ،قتل وغارت سنڌي سماج جي روشن خيالي کي نقصان رسايو ابراهيم منشي پنهنجي وطن جي خوشحالي جي ڏينهن جو ذڪر به ڪري ٿو ته پنهنجي وطن تي آيل مصيبتن جي نشاندهي ڪري ٿو سندس مجموعو گوندر ويندي گزري موضوع مان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته شاعر پنهنجي وقت جي حالتن مان نا اميد ناهي ٿيو هو هٿ تي هٿ ڏئي ناهي ويٺو پر سنڌي ماڻهن کي همت ٿو ڏئي ته اهي مسئلن جو حل موجود آهي سندس شاعري سنڌ جي تاريخي ۽ معلوماتي دستاويز آهي نوجوان نسل جي لا آگاهي ،سجاڳي ،همت ۽ بهادري جو پيغام ڏنل آهي ابراهيم منشي جي شاعري هيٺين بنيادي نقطن تي بيٺل آهي 

سنڌ جي تهذيب سان محبت 

ماحول جي نمائندگي 

پنهنجي وطن جي ماڻهن جا مسئلا ظاهر ڪرڻ 

پورهئي جي عظمت 

قوم جي عام ٻولي ۾ شاعري ڪري ٻولي جي سنڀال ۽ سنوار ڪرڻ 

پنهنجي ماضي سان ناتو نه ڇنڻ 

ڪلاسيڪي صنفن ۾ موضوع وقت جي گهرج مطابق استعمال "مئي پڄاڻان سومرا ،هي جا مٽي مٺ 

ڌري ڌوراڻن ۾ متان ڪرين جٺ 

مٿي بٺين بٺ سونهندي منهنجي سومرا "

سر سسئي جو ڪردار کڻي سنڌي ماڻهن کي سجاڳي جو ڏس ڏيندي چوي ٿو ته 

"اٿي لوڪ لتوڙ ،جي اٿئي سڪ سڄڻ جي 

هڪ دل ڪر تون هينئڙو،ٻن ٻيائي ٻوڙ 

توڙ رسڻ لا ڊوڙ ،ويٺين ور وڃائيا۔" ص 175 ابراهيم منشي جي شاعري جي حوالي سان ڪجه محققن جا رايا هيٺ ڏجن ٿا۔

ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخي جائزي ۾ لکي ٿو ته 

سندس شعر ۾ سنڌ جي ماڻهن جون مايوسيون ۽ محروميون نهايت پر اثر نوع ۾ بيان ٿيل آهن هن سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي ،سياسي ۽ سماجي حالتن جي حقيقت پسندانه نموني ۾ عڪاسي ڪئي آهي ان سان گڏ سنڌ جي ماڻهن جي همت ،جرئت ۽ قومي جذبن جي ترجماني ڪري سنڌي قوميت جي جذبي کي اڀاريو آهي ۔

سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو مختيار احمد ملاح 

سندس شمار سنڌ جي باغي ،اڏول ۽ قومي شاعرن ۾ ٿئي ٿو ۔سندس شاعري جو محور سنڌ جا کيت ،مارو ماڻهو سندن ارمان اسنڌ جي عوامي سجاڳي آهي هن جي شاعري قومي جاڳرتا جي شاعري آهي 

آهي ۔

سنڌي ادب جو تاريخي جائزو ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ،سنڌي ساهت گهر حيدرآباد سنڌ 2000 ص 330 

سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو حاجي عبدالغفور ٻيو ڇاپو 2014 مختيار احمد ملاح ص 404

Comments

Popular posts from this blog

How to write Application in sindhi