How to write Application in sindhi
بخدمت جناب سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو عنوان:مونوگراف لکڻ لاء درخواست محترم جناب جيئن ته آئون نالي شائسته ٿهيم شاگردياڻي بي ايس 4 سنڌي شعبو رول نمبر 2K16/SIN/45 آخري سيميسٽر ۾ پڙهي رهي آهيان ۽ آئون آخري سيميسٽر جي مضمون "عالمي ادب جا نظريا " پيپر ڏيڻ جي بدران "سنڌي ادب ۾ ترجمو ٿيل ڪهاڻين جي تاريخ "مونو گراف سر ڊاڪٽر نواب ڪاڪا جي نگراني ۾ ڪرڻ چاهيان ٿي ۔ اوهانکي گزارش ٿي ڪجي ته مونکي هن موضوع تي مونوگراف لکڻ جي اجازت ڏيندا ته آئون توهان جي شڪر گزار رهنديس ۔ اوهانجي فرمانبدار شاگردياڻي شائسته ولد بخش ٿهيم سنڌي شعبو بي ايس 4 رول نمبر 2K16/SIN/45