بس انهن رستن تي هلڻ جي خواهش آهي
جتي احساسن کي لفظ ملي پون
جتي لفظن کي تون ملي پوين
جتي توکي احساس ملي پون
پنهنجي زنده هئڻ جو ثبوت ڏين
دنيا جي زندان کان پري
جتي انسان جي اندر جي دنيا
جوماڻهو ٻاهر نڪري نروار ٿي
۽ ٻاهر جي کوکلي ماڻهو جي
شبيه کي پاش پاش ڪري
جتي ماڻهو لڪي لڪي ٽهڪ ڏئي
۽ جتي ماڻهو وڏي آواز ۾ روئي ۔۔
۽ هت روئڻ نڀاڳ نه هجي
جتي ٽهڪ سڀاڳ نه هجن
جت ماڻهو جو جوهر
ماڻهپو پنهنجي ذهن جي
جوهر عقل سان
پنهجي ذات کي ڳولي لهي
۽ جتي ماڻهو وڏي آواز ۾ روئي ۔۔
پنهنجا دردن کي جت هو ڌوئي
۽ پنهنجي پاڻ کي آٿٿ ڏئي
۽ پنهنجي پاڻ جي حوصلي افزائي ڪري
جتي اندر جي ماڻهو کي هو
هٿ ۾ هٿ ڏئي اڳتي هلي
بس انهي رستي تي هلڻ جي خواهش آهي ۔
Comments
Post a Comment