ڪتاب اڻپورا وجود
ڪيٽيگري ڪهاڻيونڪهاڻيڪار ممتاز مهر
مهاڳ سعيد سومرو ماڊرن ريئلزم جو ڪهانيڪار جي نالي سان لکيو آهي جنهن ۾ نن ممتاز مهر جي ڪهاڻين تي ڀرپور پر مختصر جائزو ڏنو آهي
رابعه چنا ليکڪ جي تعارف لا _"آ ممتاز منهنجو هينئن "۾ لکي ٿي ته فوٽو گرافي ،پينٽنگ ،موسيقي ،ڪتاب ،آرٽ موويز ،پڙهائڻ ۽۽ لکائڻ هن جي پسند جامشغلا آهن
مونکي لڳو جڏهن هڪ ماڻهو ايتري قدر فن سان محبت رکي ٿو هر حسن جي تخليق سان هن جي محبت آهي ته هن وٽ زندگي جو تصور ڪيڏونه خوبصورت هوندو
پنهنجي پاران ۾ سعيد سومرو پنهنجي مختصر جيون دردڪٿا لکي ٿو سندس چوڻ آهي تهه"ڪهاڻي لکڻ منهنجو شوق يا وندر ڪونه آهي ،پر ترتيب سان ڀريل سهڻي جيون لا ڏٺل منهنجو خواب آهي "
بيشڪ ليکڪ هن دنيا کي خوبصورت ئي ڏسڻ ڇاهي ٿو
هن ڪتاب ۾ ٽوٽل 17 ڪهاڻيون آهن ۔جنهن ۾ ڪردارن جا نالا واضح ناهن پر هر ڪردار پنهنجي پاڻ سان مخاطب آهي ۔
جنهن ۾ پهرين ڪهاڻي ماستر جوروح آهي ۔جنهن ۾ هڪ ماستر جيڪو پنهنجي معاشي مسئلن ۾ گهيريل آهي ۽ هر وقت ان سوچن ۾ گم رهي ٿو ۔اسڪول ۾ دير سان اچڻ ،ڪلاس ۾ پنهنجن سوچن سببان ٿڪل رهڻ ڪلاس ۾ ٿيندڙ سرگرمين ۾ به هو پنهنجين پريشانين کانکان آجو نه ٿو ٿي سگهي
هر وقت پنهنجي گهر جي مسئلن تي سوچيندو رهي ٿو ڪهاڻي جي دلچسپ ڳاله هي آهي جڏهن هو کاڌي هوا پاڻي ،جيت ،ماحول جهڙن سائنسي موضوعن کي جڏهن هو پنهنجي دائري اندر کڻکڻي سسوچي ٿو ته موضوع دلچسپي سان گڏ روئاري ووجهن ٿا آخر ۾ماستر جوجو روح به اڏامي وڃي ٿو۔
ٻي ڪهاڻي جو موضوع شڪ آهي ،جنهن ۾ هڪ مڙس پنهنجي زال تي شڪ رکي اندر ئي اندر ۾ جلندو رهي ٿو ۔آخر ۾ انجوشڪ پڪ جي درجي تائين پڄي ٿو ۔
ٽين ڪهاڻي اڻپورا وجود جي نالي سان آهي جنهن ۾ هڪ ڪردار جنهن پنهنجي ڪتاب جي ارپنا پنهنجي ماء جي نالي ڪئي آهي جنهن تان هو پنهنجي محبوبه جي حسد جي ور چڙهي ٿو .هتي ڪردارن جا نال به ڏنل آهن جنهن ۾ دائودي صاحب ۽ ان جي محبوبه ڪلپنا آهي ۔ڪهاڻي جو ٻيو رخ مذهب جو محبت تي فتح آهي ،جتي محبت مذهب فرقا ناهي ڄاڻيندي اتي مذهب سڀني جون حدون مقرر ڪري ڇڏي ٿي ڪلپنا ۽ دائودي شادي ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ڪنهن حد تائين اهي سمجهي به وٺن ٿا ته اهي ڪامياب ٿي ويندا پر سماج جا ٺيڪيدار کي ائيننه ٿا ڪرڻ ڏين ۔
ڇوٿين ڪهاڻي جو موضوع مرجهايل گل تي ماڪ ڦڙا آهي
جنهن ۾ هڪ عورت جو شادي کان پوء مڙس جي قرب کان لنوائڻ پر سندس مڙس جي بهترين سوچ کيس گنهگار بڻجڻ نه ٿي ڏئي ۔
پنجين ڪهاڻي زهر جو ڍڪ آهي هڪ معذور شخص جي ڪهاڻي آهي جيڪو پنهنجي زال کي جيئڻ جي آزادي ڏئي ٿو۔
ڇهين ڪهاڻي گرو جي نالي سان آهي جنهن ۾ هڪ گرو جنهن جو پيشو ميلن ۾ نچڻ آهي ،هو پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي چيلي کي ٻڌائي ٿو جنهن ۾ پئسن لاء هو مرد ٿي ڪري به اهو پيشوا پنائي ٿو۔
ٻين ڪهاڻين ۾ خالي بينچ جو هينئون هت نه وندري ،اکڙيون ڏيل ڏيئا ،رٽائرمينٽ ،توڻا ترس نه سکيا،موالي ،ڏکي ڏونگر پاڻ ۾ ،توڻي ڪنڌيء ڪن ،درد جي ڌٻڻ آهي زندگي ،هڪ هڪاڻي ،مان جيئڻ ٿو چاهيان
آهن ۔
ڪهاڻين جو اسلوب جنهن ۾ ليکڪ لفظن وسيلي خيالن جي ادائگي ڪري ٿو ته ڪٿي به ائين نه ٿو لڳي ته ڪا رنڊڪ وچ ۾ آهي ڪهاڻين ۾ خيال جو تسلسل جڙيل آهي ۔
ممتاز مهر پنهنجي دور جي ماڻهن جي ٽٽل نفسيات ۽ زخميل احساسن جو سليس انداز ۾ ڏاهو مترجم آهي سندس ڪهاڻيون ٻولي کان وٺي منظم منظر نگاري تائين فني ۽ حوالي سان ڀرپور آهي۔
Comments
Post a Comment