My Father Essay in sindhi

 منهنجو عظيم ابو 


انسان جي سونهن جا انيڪ روپ آهن ،انهن ۾ پيء  جو روپ اپار آهي , لامحدود آهي ،محبتن جو وڻندڙ ۽ دلڪش روپ آهي ،منهنجو ابو  

سادگي سٻاجهڙائپ جي گڻن سان ڀرپور هڪ حسين  ڪردار  آهي 

منهنجو ابو محبت جو حسين پيڪر آهي ،اها محبت جيڪا هڪ مضبوط ۽ مثبت جذبات رکي ٿي ،

منهنجو ڪردار جوڙ ڻ ۾ اهم ڪردار منهنجي ابو جو آهي 



 منهنجي پڙهائي جي شوق کي ڏسي ۽ پوزيشنن کي ڏسي منهنجي  ابو مون کي يونيورسٽي ۾ داخلا ڪرائي اهي چار ئي سال مون پپنهنجي زندگي جا انمول پل ڄاتا جڏهن  ابو جي شفقت جا انيڪ روپ مون محسوس ڪيا ،انهن ڏينهنن ۾ مون  ابو جي چهري تي حسين ،پرڪشش مسڪراهٽون ڏٺيون ۽ محسوس ڪيون ،جڏهن آئون شعور جي ڏاڪڻين تي چڙهڻ لڳس ته منهنجي  ابو مون کي هٿ پڪڙي منزل ڏانهن رستو هموار ڪرڻ لڳا  ،جڏهن به يونيورسٽي ۾ ڪومعمولي مسئلو به ٿيندو هو گهر اچي ابو  کي ٻڌائيندي هئس ،۽ جتي پورو زمانو ااوهان جو ويري هجي اتي والدين ئي اسان جا ساٿي آهن،مددگار آهن 

منهنجي ابو  جي خاص صفت هي آهي ته هو سدائين خوشيون ونڊيندو آهي ،اسان ڀيڻن ڀائرن ۾ ڪا رنجش ٿي به پوي ته ابو  اسان کي پنهنجن ڪيل مشاهدن ۽ تجربن جي آڌار  سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۔ڪڏهن ڪڏهن مون کي ابو ۾ هڪ اديب نظر ايندو آ ، ابو زندگي جي هر مشڪل گهڙين ۾ سچائي مان ڪم وٺندو آهي 


امي ابو جي ڏنل اعتماد سان ئي مون يونيورسٽي ۾ پنهنجي شعبي ۾هرسال پوزيشن کنئي ۔

منهنجي ابو  هميشه ضرورتن جي پورائي سان گڏ سادي زندگي گزاري آهي ،ابو  چوندو آهي جيڪڏهن توهان وٽ گهر آهي ،خوراڪ آهي ۽ ڪنهن سان محبت آهي ته زندگي آسان آهي ، اسان هميشه والدين جي زندگي مان هي سبق سکندا رهيا آهيون ،جيڪڏهن اسان جون خواهشون ضرورت جي حد تائين آهن ،اوستائين اسان پکين جيان لاتيون لنوي سگهون ٿا ۽ آزاد زندگي گزاري سگهون ٿا ،پر جيڪڏهن اسان دولت جي لالچ ۾ آياسون ته هن زندگي جا غلام بڻجي وينداسون 

اسان کي پنهنجي والدين جو قدر ڪرڻ گهرجي ڇو ته ماء پيء جي ڇانو ۾ ئي سڪون آهي ۔

ابو سان سلهاڙيل احساسن کي لفظن جو روپ نه ٿو ڏئي سگهجي ،ڇو ته منهنجو ابو  جي محبت هڪ احساس آهي جيڪو فقط محسوس ڪري سگهجي ٿي ۔

منهنجي ابو لاء  کوڙ سارو پيار ۽ محبتون 

شائسته ٿهيم ۔


Comments

Popular posts from this blog

Ibrahim Munshi Sindh greatest poet

How to write Application in sindhi