Tabsaro
عشق اونداهو سج
ناول عاشق بلوچ
منهنجي ملاقات عاشق بلوچ سان شاگرد هئڻ جي حيثيت ۾ يونيورسٽي ۾ ٿي ،اسان ڪلاس ميٽ به ٿي رهياسين ۔سيميسٽر جي پڄاڻي تي عاشق بلوچ جو چوڻ هو ته هاڻي اسان کي ڪتابن ۾ پڙهجو ،۽ مون جڏهن گهر ۾ فرصت سان ويهي ناول کي پڙهڻ شروع ڪيو ته ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ لفظن سان گڏ تصورن جي وسيع دنيا به آباد ٿيندي پئي وئي ۔مونکي سر اسحاق جا چيل هي لفظ ياد آيا ته
ته تنقيد جا ٽي معيار آهن 1:تصور2: ٻولي 3 :قوت جنهن تي اسان ادب کي تنقيد جي دائري ۾ کڻي ان جو مله ڪٿي سگهون ٿا ۔مون انهن ٽنهي معيارن کي سامهون رکي عاشق بلوچ جي ناول کي پڙهڻ شروع ڪيو
پنهنجي پاران ۾ لکيل شروع ۾ اردو شعر جو هي ٽڪر
ميري باتون مين هي تاثير که مين
دل په لکهتا هون قلم سي پهلي
ناول کي پڙهڻ کان اڳ ۾ دل تي محسوس ڪرڻ شروع ڪيو
تصور جي حوالي سان ڳاله ڪجي ته جيڪڏهن ڪو غور سان ناول ويهي پڙهي ته لفظن پٺيان لڪل علامتي ڳالهين ۾ هڪ وسيع دنيا آباد ٿي وڃي ٿي
جيئن سندس چيل هي لفظ
آسمان کي ڪانگ پٽي رهيا آهن ،زمين کي ڪوريئڙو سوڙي ڪري رهيو آهي ۽ ماڪوڙيون سمونڊ پي رهيون آهن ۔
مونکي ائين لڳو ڄڻ عاشق بلوچ هن سماج جي عڪاسي سماجي سياسي سائنسي سطح سان ڪئي آهي ۔
ٻولي جي حوالي سان ڳاله ڪئي وڃي ته عاشق پنهنجي لکڻين ۾ لفظن جو بادشاه آهي پاڻ لفظن کي گهڙي ڇلي انهن کي جملن ۾ پوئي ٿو ،ڪجه خيالن سٽن تي غور ڪندي ڪجه خيالن کي نظر انداز ڪندي ،ڪتاب کي اهو سوچي ته اڌ پو پڙهندس ۽ وري ڪتاب منڍ کان پڙهڻ وري نون معنائن خيالن سان آشنا ٿيڻ ،هن ناول ۾ لفظن ،جملن ۾ هڪ وڏي ڪائنات سمايل آهي ۔
چانڊوڪي جو اداس ٿيڻ ،ڀڳل پيرن سان رقص ڪندڙ عاشق ،ماڻهن جو پنهنجي پاڻ قيد اڻڻ ،مطلوب جي ذات کي دوام بخشڻ ،محسوسات جي سنگباري جهڙا اصطلاح ٻولي جي حسناڪي کي بيان ڪري رهيا آهن
هي لفظ ٻيهر استعمال ڪري رهي آهيان
"زمين کي ڪوريئڙو سوڙي ڪري رهيو آهي ۽ ماڪوڙيون سمنڊ پي رهيون آهن"
هن خيال ۾ ڪيڏي نه وسعت ۽ گهرائپ آهي هنن سٽن کي فقط پڙهڻ لا تخليق نه ڪيو ويو آهي پر محسوس ڪرڻ لا تخليق ڪيو ويو آهي هنن سٽن ۾ دنيا جي دائمي قدرن جي بنياد تي بيٺل رشتا اڄ ڪله جي سماجي حالتن روين لاڙن کي ڏسي پنهنجي معني اخذ ڪري سگهن ٿا۔
انهن سٽن جو سرجيندڙ آهي عاشق بلوچ جنهن پنهنجي ناول عشق اونداهو سج ۾ پنهنجي پاران ۾ انهن لفظن کي بيان ڪيو آهي ۔سر اسحاق چيو هو ته ادب جا ٽي معيار آهن تصور ٻولي قوت جنهن تي اسان ادب کي تنقيد جي دائري ۾ کڻي ان جو مله ڪٿي سگهون ٿا ۔۽ جڏهن به مون عاشق جو ناول پڙهيو آهي ته وري وري پڙهيو آهي ،ڪجه خيالن سٽن تي غور ڪندي ڪجه خيالن کي نظر انداز ڪندي ،ڪتاب کي اهو سوچي ته اڌ پو پڙهندس ۽ وري ڪتاب منڍ کان پڙهڻ وري نون معنائن خيالن سان آشنا ٿيڻ ،هن ناول ۾ لفظن ،جملن ۾ هڪ وڏي ڪائنات سمايل آهي ۔عاشق بلوچ جي فقط ناول ۾ نه پر سندس شخصيت به ساحر آهي جيئن ته هو اسان جو ڪلاس ميٽ به رهيو آهي ،وقت به وقت ٿيندڙ علمي ادبي بحثن ۾ هو پاڻ مڃرائي چڪو آهي ،اسان جي جڏهن به ڪا گڏجاڻي ٿيندي آهي ته هو انهي محفل ۾ پنهنجي پر مزاح طبيعت کان سواء شاه لطيف جي بيتن سان چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو هو
آئون شڪر گزار آهيان ان مونکي مونوگراف جي ڇپائي ۾ مدد ڪئيانهي کان علاوه علمي دور ۾ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو مونکي کي حوصلو ڏنو همٿايو منهنجي ڪيل علمي جاکوڙ کي ساراهيو سدائين آباد ۽ خوش رهو اسان جون دعائون اوهان سان گڏ آهن🤲
Comments
Post a Comment